ڪراچي-23 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان جي ڀرپور ڪوش?? هجڻ گهرجي ته ڪي – فور منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪريون. ڪي – فور منصوبي سان ڪراچي جي پ??ڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپرومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP) جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي پ??وجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان معظم، سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن صلاح الدين، چيف آپريٽنگ آفيسر ڪي ڊبليو ايس سي اسد ??لل?? خان موجود هئا. اجلاس ۾ ڪي فور منصوبي جي آگمينٽيشن سميت ٻين معاملن تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوش?? هجي گهرجي ته ڪي – فور منصوبو جيڪو هن وقت ڪراچي جي شهرين لاءِ پاڻي جي فراهمي ۾ اهميت وارو آهي ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻو پ??ندو. هن چيو ته هن منصوبي سان ڪراچي جي پ??ڻي جي فراهمي کي وڌيڪ بہتر بڻائي سگهجي ٿو.