اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جو هاڪاري استعمال روشن مستقبل جي ضما??ت آهي ۽ پاڪستان ان طرف گامزن آهي، اسان ڊجيٽل ان??را??ٽرڪچر جي واڌ، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مواصلاتي رابطن تائين پهچ لاءِ ڪوشان آهيون. اهڙو اظهار هن نيشنل براڊ نيٽ ورڪ فورم 2024ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو هاڪاري استعمال روشن مستقبل جي ضما??ت آهي ۽ پاڪستان ان طرف گامزن آهي، اسان ڊجيٽل ان??را??ٽرڪچر جي واڌ، شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مواصلاتي رابطن تائين پهچ لاءِ ڪوشان آهيون، هي فورم ڊجيٽل پاڪستان طرفان اسان جي عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته براڊ بينڊ رابطا ڪاري، عالمي اقتصادي ڪاروباري ترقي، سماجي ترقي ۽ نَواڻ لاءِ اهميت جو گهرجائو آهي. سمورن شعبن ۾ براڊ بينڊ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اڃا به لکين ماڻهو براڊ بينڊ سهولت کان محروم آهن، چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، ڊجيٽل سروس کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي جو ڪردار تعريف لائق آهي. ان حوال?? سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ خاص اهميت جي قابل آهي.