اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قدمن تي روشني وڌي وئي، ان م??قعي تي اولمپ??ئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به موجود هئي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان م??جب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپ?? کي هٿ?? ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪستان ۾ نوجوان?? کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قدم شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوان?? کي عالمي بهترين طريقن ۽ پ??شي??راڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪستان جي نوجوانن جي قدمن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪستاني نوجوان?? کي تعليم ۽ پ??شي??راڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته ج??ئن انهن جي سو?? کي وسيع ڪري ۽ انه?? کي مهارتن سان همڪنار ڪرڻ ۾ مدد ملي.