اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪناري ۾ امدادي ڪاررواين جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي فلسطيني ??ناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطين ۾ دش??ني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين غيرمحدود انساني ??مدرديءَ جي پهچ، يو اين آر ڊبليو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان جي لازمي انساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ والاريل علائقن ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏي.