اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي ??ي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ??ي آءِ باني کي خيبرپختونخ??ا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گهلڻ تي سپريم ڪورٽ پي ??ي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخ??ا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خا?? جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بين?? جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان من??وخ??ل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرار ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي سپريم ڪورٽ آيو آهي. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان من??وخ??ل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪا?? ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.