اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان صنفي مساوات بابت آسٽريلوي سفير ڪوپس ڪيمبل ڪالهه هتي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستاني صنفي مساوات ۽ عورتن ??ي اختيارن کي ه??ي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ڳالهين ۾ قانونسازي جي فريم ورڪ، حڪومتي ۽ نجي شعبن ۾ عورتن ??ي اڳواڻيءَ واري ڪردار ۾ واڌ ۽ صنفي شموليت کي ه??ي ڏيڻ لاءِ حڪمت عملين تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير صنفي مساوات کي ه??ي ڏيڻ لاءِ حڪومت پاليسي سڌارن، صلاحيتن جي تعمير جي قدمن ۽ عورتن لاءِ هڪ جامع سماجي ۽ اقتصادي ماحول جي قيام جي عزم تي زور ڀريو. هن ”پرائيم منسٽر وومن ايمپاورمينٽ پيڪيج 2024ع“ تي روشني وڌي جيڪا ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ پيشوراڻي تربيت، قائداڻين صلاحيتن کي ه??ي ڏيڻ، مائڪرو فنانس اسڪيمن ۽ عورتن لاءِ چُرپُر ۽ معاشي خودمختياري وڌائڻ لاءِ ”وومن آن وهيلز“ جهڙن منصوبن تي ٻَڌل آهي. وفاقي وزير صنفي مساوات کي ه??ي ڏيڻ لاءِ عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان جاري حصيدارين کي به اجاگر ڪيو جنهن ۾ صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي به شامل آهي. ان حڪمت عمليءَ جو مقصد خطرناڪ صنفي روين کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور شامل ڪرڻ آهي. هن عورتن ??ي اختيارن جي رستي ۾ ثقافتي رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ??ي اهميت تي زور ڀريو. اسٽيفني ڪوپس ڪيمبل ان ڪوششن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشرتي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن عورتن ??ي اڳواڻن ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ برابري واري شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن صنفي حساس پاليسين کي ه??ي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ وارن منصوبن لاءِ آسٽريليا جي تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌُرين هڪ جامع ۽ مساوي ??عاشري جي تعمير لاءِ مسلسل سهڪار ۽ عالمي اتحاد ??ي اهيمت تي زور ڀريو.