سرينگر- 05 نو??بر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نو??بر تي ??مو?? ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندو پرستن ??مو?? جي مختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري جو قتل عام ڪيو جڏھن ڪشميري نو??بر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ??مو?? ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھداءِ ??مو?? کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ??مو?? ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀارت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشمير?? شھيدن جي ق??بانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ??مو?? کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن چيو ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀارت جي ق??ضي مان آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ??مو?? ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته معصوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ته ??مو?? ۾ قتل عام مسلمانن جي نسل ڪشي جي شروعات ھئي جيڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھي. هنن چيو ته ڀارت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي جي چيئرمين علي رضا سيد شھداءِ ??مو?? کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ??مو?? ج?? شھيدن پنھنجون جانين جو نذرانو پيش ڪري ق??بانيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري علائقي ??مو?? ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ??مو?? جي حوالي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان شھداءِ ??مو?? جي ق??بانين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ??مو?? ڪشمير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.