اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي، ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع ص??احيت موجود آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري ٻنه?? ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽنيا ميتويانڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم روسي وفد جي پاڪستان ??ي دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جي مضبوطي طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي. هن چيو ته روس ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع ص??احيت موجود آهي، جنهن مان فائدو کڻي ٻنه?? ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ روس گڏيل ڪميشن جو اجلاس ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ بئنڪنگ چئلينجن جي مضبوطي ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي هڪ جامع روڊ ميپ جي جوڙجڪ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال جي شروع ۾ مواصلات واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ 7 رڪني پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي روس جي دور ۽ پاڪستان ??وس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت کي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن سان گڏوگڏ ان کي جلد پاڪستان ??ي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو.