واشنگٽن _ 24 آڪٽوبر (ا?? پي پي )ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان گڏيل عرب امارارت جي مالياتي معاملن بابت مملڪتي وزير محمد بن هادي الحسيني ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ??وا??ي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير پاڪستان جي پرڏيهي کاتن ۾ گڏيل عرب امارات جي مسلسل حمايت?? خاص طورتي اماراتي بينڪن جي ڪردار کي ساراهيو . هن زراعت، آئي ٽي ۽ کاڻين جي شعبن م سيڙپڪاري جي موقعن کي نمايان ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين کي انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.