اسلام آ??اد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ شنگهائ?? تعاون تنظيم ۾ گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فار?? ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته روسي فيڊريشن جي وزيراعظم ميخائل مشوستن سان انتهائي اهم ملاقات ٿي، اسان واپار ۽ اقتصاد?? تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ملاقات دورا?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسان گڏيل قومن ۽ شنگهائ?? تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي رابطاڪاري جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.