اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ردار ??يا?? صادق سان برطانوي پارليامنٽ جي ميمبر محمد ياسين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر ??يا?? صادق چيو ته پاڪستان جا برطانيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آ??ن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام برطانيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان برطانيه سان پارلياماني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن جي پارليامانن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيه جي قومي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن. پاڪ- برطانيه پارلياماني ف??ين?? شپ گروپ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. برطانوي پارليامنٽ ميمبر چيو ته برطانيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پارلياماني ف??ين?? شپ گروپس جي پليٽ فارم سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪستان جو ترقي طرف سفر انتهائي تعريف جوڳو آهي.