اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ جي بنيادي معاشي ڍانچي ۾ سڌارن کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي، توانائي، سرڪاري ادارن جي بهتري، ??جڪ??ري، ٽيڪس نظام ۽ حڪومت جي ڍانچي کي بهتر بنائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بارڪليز جي ??يادت ۾ سيڙپڪارن جي ??ڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته بنيادي معاشي ڍانچي ۾ سڌارن جو عم?? جاري رهندو، ماضيءَ ۾ پاڪستان کي قرض وٺندڙ ملڪ طور ڏٺو ويندو هو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان تاثر کي ختم ڪيو وڃي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تحت طئي ڪيل هدفن کي مستقل بنيادن تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي معيشت ۾ جٽادار استحڪام آڻي سگهجي. وفاقي وزير وفد کي گذريل 12 مهينن دوران لاڳو ڪيل پاليسين ۽ سڌارن وارن قدمن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان جي ??تيجي ۾ بنيادي ۽ اهم نوعيت جي اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ??اڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مهانگائي ۾ هدف کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آه??. ه?? چيو ته ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي اسٽينڊ باءِ معاهدي کي ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن سان ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ان پروگرام جي شروعات وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئي هئي جنهن کي نگران حڪومت سخت محنت ۽ عزم سان مڪمل ڪيو ۽ ان سان آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت معاهدي جي راهه هموار ٿي. حڪومت جي انهن قدمن سان معيشت مستحڪم ٿي ۽ هاڻي پاڪستان استحڪام جي راهه تي گامزن آه??. ه?? ٻُڌايو ته معاشي استحڪام سان گذريل سال مئي ۽ جون تائين ليٽر آف ڪريڊٽ ۽ آمدني واپار جي بيڪ لاگز کي ڪليئر ??يو ويو ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي اٽڪل 2 ارب ڊالر جي ??نافعي جي ادائگي پڻ ڪئي وئي آه??. ه?? چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن جو خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ??اڻي ۾ بهتري آئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيوآهي ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته آءِ ٽي ۽ خدمتن جي شعبن جي روانگي واپار ۾ واڌ اچي رهي آه??. ه?? چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته بئنڪ نجي شعبي کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ شروع ڪر??. ه?? ان سلسلي ۾ جاري مالي سال جي بجيٽ ۾ بئنڪن کي نجي شعبي خاص ڪري زراعت، آءِ ٽي ايڪو سسٽم ۽ ايس ايم اي شعبي کي مائڪرو قرض ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل مراعتن جو به ذڪر ڪيو. هن وفد کي مختلف شعبن ۾ سڌارن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ ان جي چئني يونٽن وچ ۾ قومي مالياتي معاهدي تي صحيح سميت سڌارن واري ايجنڊا تي عم??درآمد لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان کنيل مختلف قدمن بابت به ٻُڌايو. هن چيو ته حڪومت جو مقصد واضح آهي، حڪومت نجي شعبي کي پاليسي فريم ورڪ ذريعي تسلسل سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ چاهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته گذريل سال ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهتي هئي، ان سال سيپٽمبر ۾ اها شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، جنهن سان معاشي بحاليءَ جي حقيقي عڪاسي ٿي رهي آهي. سيڙپڪارن جي ??ود ناڻي واري وزير جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي ??عيشت اڳتي وڌي رهي آه??. ه?? معيشت جي ??ختلف شعبن ۾ نظر ايندڙ ڍانچي جاتي سڌارن ۽ استحڪام کي به ساراهيو ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.