اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ تازن حملن جي ڏس ۾ پاڪس??ان?? شهرين کي سختي سان مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳئين اطلاع تائين لبنان جو سفر نه ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ رهندڙ پاڪس??ان?? ڪمرشل اڏامن جي ذريعي ٻاهر جو سفر ڪن جيڪي اڃا به دستياب آهن. ترجمان چيو ته جيڪي ماڻهو ڪجهه مخصوص سببن جي ڪري لبنان نه ٿا ڇڏي سگهن اهي انتهائي ا??تياط ڪن ۽ محفوظ علائقن ۾ رهن. سفارتخاني سان رابطي جي لاءِ م??بائيل / واٽس ايپ جا نمبر + 961 – 81669488 ۽ + 961 – 81815104 جڏهن ته اي ميل ايڊريس [email protected] آهي.