اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ رو?? جي ن??ئب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ وفدن جي سطح تي پرڏيهي وزارت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون جي س??ور?? رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار، صنعت، توانائي، ڪنيڪٽيويٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اوورچڪ جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر ولاديمير پيوٽن جي ٻطرفن لاڳاپن جي ٺوس، گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تب??يل ڪرڻ جي ويزن جي تعميل ۾ ٿي رهيو آهي. رو??ي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پهتو هو. رو??ي ن??ئب وزيراعظم پاڪستان جي دوري دوران صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقات ڪندو.