اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ختم نبوت ??لي الله عليه وآله وسلم جو عقيدو اسان جي روح جو حصو آهي، دين مرد ۽ عورتن جي تعليم کي حڪم ڏئي ٿو، نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪرڻ ضروري آهي، نياڻين کي تعليم کان محروم ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قانون بڻايو وڃي، هڪ??هڙو تعليمي نظام دين ۽ دنيا ل??ءِ لازمي آهي. 49هين قومي سيرت النبي ??لي الله عليه وآله وسلم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ??هڙو تعليمي نظام دين ۽ دنيا ل??ءِ لازمي آهي. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ سوشل ميڊيا نوجوان طبقي کي بدتهذيبي سيکاري آهي، سوشل ميڊيا جو مثبت انداز ۾ استعمال ضروري آهي، ??دل جو نظام درست هئڻ معاشري جي ترقي جو لازمي جُز آهي، اسان جا مسئلا تعليم ۽ تربيت سان واڳيل آهن. ان موقعي تي ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان علامه طاهر محمود اشرفي تجويز پيش ڪئي ته مذهبي معاملن واري وزارت ملڪ ۾ تعليم جي بهتريءَ ل??ءِ هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ اقليتي اڪابرين به شامل هجن، اسان جو دنيا عورتن ۽ اقليتن جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ختم نبوت ??لي الله عليه وآله وسلم اسان جي روح جو حصو آهي، دين جي بقا الله تعاليٰ ۽ نبي اڪرم ??لي الله عليه وآله وسلم سان وفا ۾ آهي.