اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اوزون تهه جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڪوششن جي جائزي ۽ ان کي جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه جي بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم شهباز شريف، اوزون تهه جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سا?? ا??زون تهه کي انساني سرگرمين شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ان ۾ گهاري جو سبب بڻيون آهن. هن چيو ته اوزون تهه ۾ گهاري انسانن سميت ڌرتي تي موجود هر جاندار کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به گڏيل قومن تحت ويانا ڪنوينشن ۽ مونٽريال پروٽوڪول ذريعي عالمي ڪوششن جي نتيجي ۾ اوزون تهه ۾ گهاري کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حوصلي واري آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي اوزون تهه کان بچاءُ لاءِ عالمي قدمن ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان 1992ع ۾ مونٽريال پروٽوڪول جي توثيق ڪئي جيڪو اوزون تهه کي ختم ڪندڙ ڪيميائي مادن (او ڊي ايس) کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته تڏهن کان پاڪستا?? ا?? حوالي سان نمايان سنگ ميل عبور ڪيا آهن. اوزون تهه جي تحفظ جي قدمن جي تسلسل کي جاري رکڻ لاءِ حڪومت پاڪستان 1996ع ۾ خصوصي طور تي هڪ نيشنل اوزون يونٽ (اي?? ا?? يو) قائم ڪيو. ان يونٽ تحت پاڪستان ڪسٽمز، ريفريجريشن ۽ ايئر ڪنڊيشنگ انڊسٽري، واپار واري وزارت، فني ماهر ۽ انجنيئرز، امپورٽ ڪندڙ ۽ واپارين سان پنهنجي گڏيل ڪوششن ذريعي مونٽريال پروٽوڪول جا 11 مرحلا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا آهن. پاڪستان 2009ع تائي?? ا??زون تهه کي متاثر ڪندڙ ڪيميائي مادن جي پهرين قسم کي مرحليوار ختم ڪري ڇڏيو ۽ جنوري 2020ع تائي?? ا??ڇ سي ايف سي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف حاصل ڪري ورتو. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ اسان 2025ع تائين پنهنجي ڪيترين ئي صنعتن کي اوزون دوست ٽيڪنالاجيز تي منتقل ڪري 67.5 سيڪڙو گهٽتائي جي هدف کي پورو ڪرڻ جي راهه تي تيزي سان گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تحفظ جي تعين اسان جو اجتماعي عزم ڀرپور طريقي سان جاري آهي. هن چيو ته آئو?? ا?? موقعي تي ماحولياتي تحفظ لاءِ جاري گڏيل قومن لاءِ پنهنجي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. اوزون تهه جي تحفظ لاءِ اسان جون اجتماعي ڪوششون ماحولياتي تحفظ لاءِ اسان جي ذميواري ۽ پائيدار ترقي لاءِ اسان جي جذبي جي عڪاسي ڪن ٿيون. وزيراعظم زور ڀريو ته اچو ته اسان هلندڙ سال جي موضوع مونٽريال پروٽوڪول- ايڊوانسنگ ڪلائميٽ ايڪشنز تحت ايندڙ نسلن لاءِ ڌرتي جي حفاظت خا??ر پنهنجي متحده ڪوششن کي جاري رکڻ جو عزم ڪريون.