اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت جي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان 5 سالن وارو معاشي پلان جوڙيو پيو وڃي، متحد ٿي اسان پاڪستان کي جلد پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ اهو معاشي قوت بڻجندو. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبر?? جي آجيان ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن هن ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي شهيد?? جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي، انهن کي بلند حوصلي وارو ڏٺو، اتي 26 آگسٽ تي جيڪو ماحول ٺاهيو ويو، ان جو مقصد اهو هو ته اهو باور ڪرايو وڃي ته اتي ڪا عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آهي، ان ڏينه?? جيڪو ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي جي انتها هئي جنه?? جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دوري دو??ان اتي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا پا??ان دهشتگردي ۽ موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ۽ خارجي عنصر ٻاهرئين مدد سان گڏجي نفرت جا ٻج پوکي رهيا آهن، اتي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ سويلين حڪومت بلوچستا?? جي تعمير ۽ ترقي ۽ نوجوان?? جي لاءِ بهترين پروگرام کڻي هلي رهي آهي جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، پاڪ فوج دهشتگردن جو پيڇو ڪري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته دور دو??ان ليويز کي جديد اوزار?? جي فراهمي جي حوالي سان پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ٿي، انهن کي جديد اوزار?? جي فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي هر ??مڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دوري دو??ان سياسي پارٽي?? جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ٿي، اهي سڀ محب وطن ۽ بلوچستا?? جي تعمير ۽ ترقي جا خواهشمند آهن، انه?? جي جائز مشورن کي ٻڌو آهي، انهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. هن چيو ته دهشتگردن ۽ پاڪستان مخالفن سان ڳالهه ٻولهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته جن نوجوانن کي مختلف بيانيي سان گمراهه ڪيو پيو وڃي، انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ??مڪن قدم کنيا ويندا، بلوچستا?? جي نوجوان?? جي لاءِ چائنا ۾ اسڪالرشپس سميت ليپ ٽاپ ۽ ٻين پروگرامن ۾ انهن کي باقي ملڪ?? جي نوجوانن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ ڪوٽا ڏني پئي وڃي، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ 55 ارب رپيا رکيا ويا آهن، سي پيڪ مان بلوچستان جا ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن، چين اسان جو آزمايل دوست آهي، چيني?? جي خلاف دهشتگردي ان دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ سي پيڪ جي ذريعي عوامي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي. هن چيو ته بلوچستا?? جي وڏي وزير سان گڏجي وفاقي حڪومت هر ??مڪن قدم کڻندي، پاڪستا?? جي دشمنن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي عبرت جو مقام بڻائينداسين، ان کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. وزيراعظم چيو ته موڊيز پاڪستا?? جي ريٽنگ ۾ بهتري جو اعلان ڪيو جيڪو پاڪستا?? جي معاشي صورتحال جي بهتري جو اعتراف آهي، جڏهن ته اهو ڊگهو سفر آهي ۽ ان تي عزم سان هلڻو پوندو، پاڪستا?? جي ترقي جي سفر تي حڪومتون ۽ قوم متحد آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت هڪ معاشي پلان جوڙيو آهي جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو جلد قوم آڏو آڻينداسين، ان 5 سالن واري منصوبي جي هدفن ۾ زرعي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، مقامي صنعت کي فروغ، نوجوانن کي فني مهارت ۽ روزگار جي فراهمي شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي محنت سان اڳتي وڌڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو عزم سان ڪندڙ قومن جو رستو ڪير نه ٿو روڪي سگهي، محنت ۽ اتحاد سان پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ معاشي قوت بڻجندو.