اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن ??قبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر ۽ سينيٽر شيري رحمان پڻ شريڪ هئا.