اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ ان??يلي جنس ب??سڊ آپريشن ۾ بي ايل اي جي 3 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري ڊپٽي ڪمشنر پنجگور ذاڪر علي جي شهادت جي ذميوار دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز باصلاحيت ۽ پروفيشنل آهن، قوم کي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز تي فخر آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن لاءِ محنت سان فرض نڀائ?? رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ ع??م استحڪام جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين.