اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي دوري تي پاڪستان پهچي وي??. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حس??ن، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري مذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي ??ڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ ترسڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي ز??داري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو آهي.