لنڊن – 01 آگسٽ (اي پي پي) سي??يٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لنڊن ۾ فارين، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمنٽ آفيس (ايف سي ڊي او) ۾ برطانيا جي پارلياماني ميمبر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مملڪتي وزير هميش فالڪنز سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو. سي??يٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سي??يٽ چيئرمين هميش فالڪنز کي وزير طور مقرري تي مبارڪون ڏنيون. سي??يٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ مضبوط شراڪتداري جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. سي??يٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ ويجها لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪت ۾ تبديل ٿي ويندا. سيد يوسف رضا گيلاني برطانيا سان اقتصادي، دفاعي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن مطابق ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حل جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. سي??يٽ چيئرمين غزه جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ فلسطين تڪرار جي حل تي زور ڀريو. برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنز ايف سي ڊي او جي دوري تي سي??يٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي واپا?? ۽ ??يڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، تعليم، سماجي ۽ اقتصادي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي پاڪستان ۽ برطانيا جي شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ه?? 2010ع ۾ ملتان ۾ آيل ٻوڏ جي موقعي تي پنهنجي دوري کي پڻ ياد ڪيو.