اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي چونڊن ۾ ڪاميابي ??اصل ڪندڙ عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردا?? ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم نئين چونڊيل صدر اظهر عباس، سينيئر نائب صدر اياز خان، نائب صدر محمد عثمان، سيڪري??ري جنرل طارق محمود ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايڊيٽرز ۽ نيوز ڊائريڪٽرز جو رياست ۾ مثبت صحافت جي فروغ جي لاءِ ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ، جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردا?? ادا ڪند??، ميديا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت (اي او اي ايم اي اين ڊي) جي ميڊيا جي ترقي ۽ ان کي جديد رخن تي هلڻ لاءِ قدمن ۾ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي.