اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو ??ير?? واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ??ئي. ملاقات ۾ ٻطرفي سياسي ل??ڳا??ن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي قدمن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو تعاون پاڪستان جي عوام جي لاءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪ??ي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي ??يو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ نجي شعبي کي ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي اڳڪٿي ڪ??ي رهيا آهن. ملاقات ۾ فيڪ نيوز جي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ ل??ڳا??ن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز جو وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پاڪستان سان مضبوط ل??ڳا??ن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ قدم پاڪستان کي جاپاني سيڙپڪارن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.