لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان?? هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي عمده ڪ??رڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ٽورنامينٽ دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق و??يراعظم چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، قوم?? هاڪي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ڊگهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪر?? هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.