اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان معاشي ??ستحڪام تي آهي، ملڪ جا معاشي ??نگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري ??ي اڳڪٿي ڪري ??هيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ريليف ڏيڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري ??ي آيل بنگلاديشي ??حايفن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي، حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير بنگلاديشي ??حافين کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعطم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جو پورو ڌيان معاشي ??ستحڪام تي آهي، موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معاشي ??نگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري ??ي اڳڪٿي ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، اهي منصوبا نه رڳو معيشت کي فروغ ڏيندا پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن. پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، اسان صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ جعلي خبرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ??ي لاءِ عالمي سطح تي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته بنگلاديشي ??حافين جا ٿورائتا آهيون ته اهي پاڪستان آيا ۽ حڪومت جي معاشي قدمن بابت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ورتي. بنگلاديشي ??حافين جي وفد پاڪستان ۾ ميزباني ۽ تعاون جي فراهمي تي پاڪستان حڪومت، اطلاعات واري وزارت ۽ صحافتي ادارن جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري ??مام سٺو لڳو، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. بنگلاديشي ??حافين جي وفد ۾ اقتدار احمد، مڪرم حسين، رياض احمد، شيخ ساجد، محمد عبدالودود، جبون احمد سارڪار، قمر الزمان ۽ معين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.