بنجول – 03 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير محمد اسحاق ڊار گيمبيا جي شهر بنجول ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ پرڏيه?? وزيرن جي تياري جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن سال جي سربراهي اجلاس جو موضوع ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ آهي. اجلاس دوران پاڪستان کي متفقه طور تي او آءِ سي جي 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي لاءِ بيورو آف پرڏيه?? وزيرن جي تياري جي اجلاس جو نائب صدر چونڊيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير ان م??قع?? تي خطاب ڪندي گيمبيا جي پرڏيه?? وزير ممدائو تنگارا کي سيشن ۽ 15 هين اسلامي سربراهي اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سعودي عرب جي عهدو ڇڏيندڙ سربراهه جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير غزه جي عوام جي خلاف اسرائيلي جنگ سبب گذريل ڪيترن ئي مهينن کان غزه جي عوام جي جاري نسل ڪشيءَ ۽ غذائي کوٽ تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. تياري جي اجلاس دوران او آءِ سي جي پرڏيه?? وزيرن ??ين??ئر آفيشلز ميٽنگ (ايس او ايم) جي رپورٽ جي منظوري ۽ مختلف دستاويزن کي حتمي شڪل ڏني جن ۾ فلسطين مسئلو، او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس جو حتمي پڌرنامو ۽ بنجول پڌرنامو شامل آهي.