اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??ي??ن موجب ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ??ي لاڳاپن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ سيڪيورٽي سميت ٻطرفن مع??مل?? جي هڪ وسيع رينج بحث هيٺ آئي. علائقائي اهميت جي مختلف مع??مل?? بشمول غزه جي صورتحال، بحيره احمر ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفن لاڳاپن ۾ موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.