اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو س??ڀا??ڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مب??رڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊار کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مب??رڪباد ڏيندي چيو ته چيڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي مب??رڪباد ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته سندس ??يادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊار کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مب??رڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذميواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مب??رڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.