اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت ??ونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽي?? جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستا?? جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻه?? جي خدمت ڪن ٿا، انه?? جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انه?? جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻه?? جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت ??ونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽي?? جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پارٽي?? جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.