اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو مظفرآباد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ملهائيندو ۽ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگ??ان وزيراعظم پنهنجي مظفرآباد جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀريندو ۽ گل چاڙهيندو. نگ??ان وزيراعظم کي بعد ۾ گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويندو. نگ??ان وزيراعظم آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي هو خطاب پڻ ڪ??دو. نگ??ان وزيراعظم سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چو??ري لطيف اڪبر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چو??ري انوارالحق پڻ ملاقات ڪندو.