واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آم??يڪ?? ۾ پاڪستان جي سفير ??سع??د خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آم??يڪ?? وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي ??سن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عا??مي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت بلتستان جي رٿابندي واري وزير ملڪي سياحتي ??لاحيت کي عا??مي پل??ٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت بلتستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي ??هن، پاڪستاني سفير گلگت بلتستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ عا??مي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت بلتستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪومت، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين جي حمايت کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آم??يڪ?? وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آم??يڪ?? ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي ??ثاثو بڻائڻ جي حوالي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.