اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي موقف کي ??اضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين ??هي هٿيار نه اڇلائيندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو ته ??ن جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ جي پڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي محقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي ??نهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ??و. هن چيو ته ??ڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ايس ايس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سيڪيورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پر پاليسي سازن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي ڪامي??بي?? جو ذڪر ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي ??شغول ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ سي ايس ايس جي ملڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي نوجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين ??و شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين ??ريقو آهي. هن چيو ته ??ها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اطلاق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سيڪيورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ايس ايس 2001ع کان پاڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??ها ڊيٽا پي آءِ سي ايس ايس جي محققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ??ڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط رابطي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??ڪومت ۽ پي آءِ سي ايس ايس جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي سالياني سيڪيورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي ??ڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشتگردي کي ??نهن ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪڻ جي لاءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياريو ته ??هشتگردي جي مسئلي کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ??هشتگردي جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي شروعات نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشتگردي کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چيو ته ??يڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ??ن جي آجيان ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته ??هشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين ??هي هٿيار نٿا اڇلائين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.