اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ??مي??ن جي نمائندي جي حوا??ي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ??مي??ن جي نمائندي جي حوا??ي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان ف??رستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.