اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي هدايت ڪئ?? آهي ته ايس آءِ ايف سي تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ هموار ٿئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي جو ستون اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نگران ڪابينا جي ميمبرن، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لا??ِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اج??اس کي مختلف وزارتن ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مقرر ڪيل هدفن کي وقت سر حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي لاءِ قدمن تي بري??نگ ڏني. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي تحت سيڙپڪاري جي فروغ لا??ِ کنيل مختلف قدمن تي اڳڀرائي کي انتهائي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. ڪميٽي ايس آءِ ايف سي تحت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ دوست ملڪن سان رابطي ۾ تيزي، سرڪاري ۽ نجي ادارن سان تعاون جي قدمن کي ساراهيو. ڪميٽي سيڙپڪار برادري سان مختلف قدمن جي حوالي سان موثر طريقي سان رابطو وڌائڻ کي پڻ ساراهيو جنهن جي ڪري ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي منصوبن جي حوالي سان اڳڀرائي ۾ تيزي آئ?? آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن سان گڏوگڏ سيرپڪارن جي اعتماد کي وڌائڻ جي پاليسي قدمن جو پڻ جائزو ورتو. انهن پاليسي قدمن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي منافعي جي منتقلي، ملڪ ۾ ڪاروباري تڪرارن جي حل جي عمل، مواصلاتي بنيادي ڍانچي ۽ افرادي قوت جي عالمي معيار موجب ترقي، ايگزم بئنڪ کي ترجيحي بنيادن تي فعال بڻائڻ شامل آهي. ڪميٽي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري ان مسئلي جي پا??يدار حل جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل جو جائزو ورتو ۽ ان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪميٽي نجڪاري جي ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته ايس آءِ ايف سي تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان نه رڳو گهٽ ۽ وچولي مدي وارن ثمرن مان فائدو کڻي سگهي پر ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي وارن قدمن جي راهه پڻ هموار ٿئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاڪستان جي پا??يدار معاشي بحالي ۾ پاڪ فوج جي حڪومت سان مڪمل تعاون جي عزم جو يقين ڏياريو.