اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ بد??ان اقبال نوجوان نسل کي پ??هنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پ??هنجي پ??غام ۾ نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ س??لن??ي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غفلت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪي گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن انهن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪل آهي. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ انهن کي شاهين جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو، نوجوان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حقيقي خدمت ڪري سگهن ٿا.