اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پاڪست??ن جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺ?? آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي پاڪست??ن جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪست??ن جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪيو، پاڪستاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو ??ظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪست??ن جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو ??بب بڻي. هن چيو ته پاڪست??ن جي رياست سدائين کان فلسطين جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو ??واز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺ?? آهي. پاڪست??ن جي ان موقف ۾ ڪا ت??ديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شام?? آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته اس??ن جن ملڪن س??ن جنگ وڙهي انهن سان به اس??ن جا سفارتي لاڳاپا آهن پر فلسطين جي مسئلي جي ڪري اس??ن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪست??ن جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو ??ل چاهي ٿو، پاڪست??ن جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معاملي تي فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺ?? آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.