اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ??يندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائڻو پوندو، زمين موسمياتي تبديلين جي خطري جي ور چڙهيل آهي، حڪومت يا ڪو به ادارو اڪيلي سر ان خطري کي منهن نه هو ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ??سٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پري ڪوپ – 28“ سيمينار کي ??طاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زمين جو گرمي جو درجو وڌي رهيو آهي، ڪا به حڪومت يا ادارو اڪيلي سر موسمياتي تبديلي جي خطري ۽ چئلينج کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، ان مسئلي جي اهميت سڄي معاشري کي ??سليم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻو پوندو. ان ڏس ۾ معاشري ۾ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٻارن ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ مائرون ۽ استاد پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اسان پنهنجي ڪلچر ۾ موسمياتي تبديلي جي اهميت کي ??جاگر ڪري ئي انهن خطرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ميڊيا کي ??ه پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان پاڪستان ٽيليويز?? ۾ ??وسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسپيشل ڊيسڪ جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي ??موگ ۽ ٻوڏ جهڙا مسئلا درپيش آهن، جيڪي انساني وجود جي لاءِ خطري جو سبب آهن. اسان اڪيلي سر ان مسئلي کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. ان جي لاءِ اسا?? سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي، ان تباهي ۾ اسان جو ڪو به ڪردار نه آهي پر ان کان اسا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي ??سٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي.