اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن مع??هدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وز??را??ظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وز??را??ظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ مع??هدن تي صحيحون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن مع??هدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وز??را??ظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ مع??شي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.