اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شد??د مذمت ڪندي عام شهرين جي وڌيڪ قتل عام کي روڪڻ جي لاءِ غيرمشروط ج??گب??دي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان غزه ۾ جباليه پناهگير ڪئمپ تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي شد??د مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ما??هو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اهو حملو غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهن جي سلسلي جو تازو ترين واقعو آهي، هو عام شهرين کي وڌيڪ قتل عام کان بچائڻ جي لاءِ غيرمشروط ج??گب??دي جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏي ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري خاص طور تي اسرائيل جي حامين تي زور ڏي ٿو ته اهي حملن کي روڪڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ته جيئن غزه جي محصور ماڻهن کي بنا رڪاوٽ امدادي سامان فراهم ڪري سگهجي.