اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صد?? پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي م??م جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستا??ي عورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي م??م ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ معائنو، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏ??ڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صد?? بريسٽ ڪينسر بابت معلوماتي ۽ تعليمي م??اد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صد??رتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 موت ۽ اٽڪل 100000 نوان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستا??ي عورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.