گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگردن جي ٺاهيل مختلف ما??لز جو معائنو ڪيو. هن شاگردن جي پينٽنگز، تعليمي، ??ائ??سي ۽ توانائي بابت ما??لز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ما??لز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استادن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي ??ائ??سي ما??ل کي ساراهيندي ان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏي?? جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم شاگردياڻين کان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ ??ائ??س جي ميدان ۾ اڳتي وڌ?? جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.