اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??واوي پاڪستان ج?? وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن ج?? ??يا??ت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اٿان سن نگران ??زيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ايڪو سسٽم جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ج?? مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ انفارميشن ٽيڪنالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران ??زيراعظم هواوي جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترويج جي حوالي سان ??دمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان ج?? نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن ج?? رهندڙن ۽ عورتن ج?? لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت جي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران ??زيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.