اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مختلف ڪمپنين کي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪند?? پورهيتن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪوئلي جي کاڻين جي ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏني، وفد وزيراعظم کي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي ويزن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالا مال آهي، اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف ??ار?? سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير، ص??با??ي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.