اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگ??ان وفاقي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آ??ي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بي??ن مطابق وفاقي صحت واري سيڪريٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آ??ي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سان تعارفي ملاقات به ڪئي . ??ن موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي سيڪريٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪام??ان رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ??ن موقعي تي نگ??ان وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز س??ن منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شعبو اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان سڀن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو . ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .