اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان سين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ سان سين??ٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم سين??ٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سين??ٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪندي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪندي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.