قصور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ وزيراعظ?? محمد نواز شريف هوندو، هو جلد پاڪستان ايندو ۽ ملڪ جي تقدير بدلائيندو، محمد نوز شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو وقار بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قصور ۾ لاهور- قصور – ساهيوال – بهاولنگر موٽر وي، لاهور عبدالحڪيم موٽر وي تي بچيڪي، ننڪانه صاحب روڊ تي راءِ منصب علي خان انٽرچينج ۽ تاري ڳڙهه انٽرچينج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر بليغ الرحما??، ملڪ احمد علي خان، رانا محمد اقبال، راءِ منصب علي خان، رانا برجيس طاهر، ميان معين وٽو، رياض الحق ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته محمد نواز شريف ملڪ مان اونداهي ختم ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو 9 آگسٽ ت?? قومي اسيمبلي ختم ڪري ڇڏيندو، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي جيڪا چونڊون ڪرائيندي. هن چيوته محمد نواز شريف وزيراعظم ٿيو ته گڏجي 5 سالن ۾ پاڪستان جون ??التون ??دلائينداسين، هن چيو ته عوام جي سمنڊ کي ڏسي سندس 16 مهينن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي وئي آهي، هن چيو ته نوابشاهه ۾ ريل حادثو ٿيو جنهن ۾ 30 ماڻهو فوت ٿيا، 100 زخمي ٿيا آهن، الله فوتين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي، وزيراعظم چيو ته اڄ اوهان کي پنهنجي قائد محمد نواز شريف جا سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، هي عوامي سمنڊ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو آهي ته ايندڙ وزيراعظ?? محمد نواز شريف هوندو. هن چيو ته اڄ اٽڪل 263 ارب روپين جي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، 260 ڪلوميٽر ڊگهي موٽر وي ٺهندي ته هن علائقي ۾ خوشحالي ايندي، محمد نواز شريف هن موٽر وي جو معمار آهي، هن سڄي ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇايو. 2008ع ۾ 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، 2013ع کان 2018ع جي وچ ڌاري بجلي سان اونداهيون ??تم ٿيو??، محمد نواز شريف جي دور ۾ سي پيڪ ذريعي پاڪستان ۾ 30 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي، لکن جي تعداد ۾ نوجوانن کي ميرٽ ت?? ليپ ٽاپس مليا، مون ??ي الزام لڳي ٿو ته ليپ ٽاپس ذريعي نوجوانن کي رشوت ڏئي رهيو آهيان، نوجوانن کي ليپ ٽاپس نه ڏيان ته ڇا ڪلاشنڪوف ڏئي ڇڏيان؟ وزيراعظم چيو ته داسو ۽ ديامرڀاشا ڊيم تعمير هيٺ آهن، هن چيو ته محمد نواز شريف پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، 5 ڌماڪن جي ڀيٽ ۾ 6 ڌماڪا ڪري ڀارت جا ڏند کٽا ڪيا، 5 ٽيليفون ڪالون ??يون ۽ چيو ويو ته ايٽمي ڌماڪو نه ڪريو، 5 ارب ڊالر وٺو، ان وقت جا 5 ارب ڊالر اڄ جا 15 ارب ڊالر بڻجن ٿا، محمد نواز شريف جواب ۾ چيو ته مون کي پاڪستان جي بقاء?? عزيز آهي.