لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن خانيوال ۾ گرين پاڪستان انيشي ايٽو جي فليگ شپ پراجيڪٽ، پاڪستان جي پهرين مڪمل طور تي پاڻمرادو ۽ پوکيءَ ??ي جديد طريقن تي ٻڌل ”خانيوال ماڊل ايگريڪلچرل فارم“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي وزير، صوبائي چيف س??ڪريٽريز، زرعي ماهر، آبادگار ۽ اعليٰ فوجي آفيسر شرڪت ڪندا. پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح ۾ زرعي شعبي جو حصو رڳو 23 سيڪڙو آهي، جيڪو ان جي حقيقي صلاحيت کان گهٽ آهي. پاڪستان جي زرعي شعبي ج?? سگهه کي پوکيءَ ??ي جديد طريقن جي ذريعي استعمال ۾ آڻ?? سگهجي ٿو. گرين پاڪستان انيشي ايٽو سڀني ڌرين جي وچ ۾ حصيداري جو هڪ منفرد پليٽ ف??رم آهي، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل سان سيڙپڪاري جو مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي.