اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ميزبان مل??ن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر نصر شاهد جي قيادت ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد مل??قات دوران صدر سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو مل?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. سمنڊ پار پاڪستاني باصلاحيت ماڻهو ۽ پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني مل?? کان پري ره?? پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ مل??ي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان مل??ن ۾ پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن. پاڪستان کي هن وقت معاشي چئلينجز درپيش آهن، ان جي لاءِ سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ميزبان مل??ن جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. صدر چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪم ڪن.