اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور پانگ چنڪسو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 102 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪس??ان جي يڪجهتي، سالميت ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت جي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئرن برادرز ۽ پراڻا دوست هجڻ جي ناطي پاڪس??ان ۽ چين سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي اڻٿڪ حمايت ڪئي آهي. چين جي صدر شي ??ن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي قيادت جي پڪي عزم کي ساراهيو. پاڪس??ان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪس??ان جي معاشي ??ستحڪام جي لاءِ چين جي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي ترقياتي قدمن ?? سي پيڪ تحت ترقياتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪس??ان جي لاءِ چين جي حڪومت پاران نيڪ خواهشن ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي چين جي ناظم الامور ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪس??ان چين جو سدابهار اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ دوست آهي. هن چيو ته چين جي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪس??ان جو خصوصي مقام آهي ۽ اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ??يٽو (جي ڊي آئي) بابت پهرين اعليٰ سطحي فورم ۾ ورچوئل شرڪت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيني ناظم الامور ٻنهي ملڪن جي قيادت جي تصور موجب پاڪس??ان ۾ جي ڊي آئي جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ چين جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ??يٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي ۽ چين جي قيادت سي پيڪ کي بي آر آئي جي اعليٰ معيار جي منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪس??ان جي حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪس??ان کي هڪ اهم اقتصادي حصيدار سمجهي ٿو ۽ پاڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ مالي استحڪام جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.