اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته سامونڊي طوفان سان ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ع??ائ??ن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل ع??ائ??ن مان عوام جي وقت سر محفوظ ع??ائ??ن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽيليفون ڪيو ۽ سامونڊي طوفان جي حوالي سان تازه ترين صورتحال ۽ قد??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير جي سامونڊي طوفان جي خطري ??ي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اڳواٽ انتظامن کي ساراهيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سامونڊي جهازن، مُهاڻن، سامونڊي انفراسٽرڪچر، ٻوڏ جي خطري، ٺٽي، بدين ۽ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ع??ائ??ن بابت خدشن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي وچ ۾ موثر حڪمت عملي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل ع??ائ??ن مان عوام جي وقت سر محفوظ ع??ائ??ن ۾ منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم کي لاڳاپيل ع??ائ??ن ۾ عوام کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ جي حوالي سان قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هنگامي صورتحال ۾ ضروري سامان، اوزارن ۽ ٻين لاڳاپيل شين جي اڳواٽ انتظا??ن تي پڻ آگاهي حاصل ڪئي ۽ مڪمل نگراني رکڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ??رائي. وزيراعظم چيو ته وفاق جي انتظام هيٺ سمورا ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ل??ءِ سنڌ حڪومت جي مدد جي ل??ءِ هر وقت تيار رهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جي جذبي ۽ فڪرمندي تي ان جا ٿورا مڃيا.